سعيد غني،شرجيل ميمڻ ۽ ناصر شاهه پاران مختلف نالن جو دورو

سعيد غني،شرجيل ميمڻ ۽ ناصر شاهه پاران مختلف نالن جو دورو

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزيرن سيد ناصر حسين شاهه، شرجيل انعام ميمڻ ۽ سعيد غني مون سون جي برسات کان اڳ شهر ۾ جاري نالن جي صفائي واري ڪم جو اوچتو دورو ڪيوصوبائي وزير باغ هيڊڪوارٽر ڀرسان نالن جي صفائي جو معائنو ڪيو ۽ موقعي تي هدايتون جاري ڪيون، سيد ناصر حسين شاھ چيو ته شهر ۾ مون سون جون برساتون شروع ٿيڻ کان اڳ ئي وڏي وزير سنڌ جي هدايتن تي شهر جي سمورن ننڍن وڏن نالن جي صفائي جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مون سون جي برساتن دوران شهرين کي ڪنهن به قسم جي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪنداسين صوبائي وزير سعيد غني چيو ته هن ڀيري اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته برساتن جي ڪري جتي به پاڻي جمع ٿئي ان جي فوري نيڪال کي يقيني بڻايو وڃي برسات کان اڳ سمورن ادارن کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي ۽ سمورن گهٽين وارن علائقن ۾ ڊرينيج مشينون لڳائڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو