رياض (ويب ديسڪ) سعودي عرب ۾ ذي الحج جو چنڊ نظر نه آيو عيد 20 جولاءِ تي ٿيندي. عرب ميڊيا موجب سعودي سپريم ڪورٽ ذي الحج جو چنڊ ڏسڻ جي لاءِ شهرين کي اپيل ڪئي هئي پر ذي الحج جو چنڊ ملڪ ۾ ڪٿي به نظر ناهي آيو. سعودي ميڊيا موجب پهرين ذي الحج 11 جولاءِ آچر ڏينهن هوندي. مقامي ميڊيا موجب چنڊ جي شهادت بابت سرڪاري سطح تي اڃا ڪو اعلان ناهي ڪيو ويو.










