رياض: (ويب ڊيسڪ) سعودي حڪومت حج لاءِ اجازت نامو حاصل ڪرڻ واري هدايت جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي سخت سزائن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.سعودي گهرو وزارت موجب بنا اجازت حج ڪرڻ يا حج جي ڪوشش تي 20 هزار ريال تائين ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو جڏهن ته غيرقانوني حاجين کي پناهه يا مدد ڪندڙن تي هڪ لک ريال تائين ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو.سعودي گهرو وزارت چيو آهي ته اها پابندي پهرين ذوالقعد کان 14 ذوالحج تائين لاڳو رهندي. انهي کان علاوه وزٽ ويزا وارن کي مڪي شريف يا مقدس هنڌن تائين پهچائيندڙن تي به ڏنڊ لاڳو ٿيندو جڏهن ته غيرقانوني طور تي حج ڪرڻ جي ڪوشش تي ملڪ بدر ۽ 10 سال سعودي عرب ۾ داخلا تي پابندي هوندي.










