سعودي ولي عهد جو وزيراعظم کي فون، عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ

سعودي ولي عهد جو وزيراعظم کي فون، عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ

رياض (ويب ڊيسڪ)سعودي ولي عهد محمد بن سلمان وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي شهباز شريف کي مبارڪباد ڏني.سعودي ولي عهد شهباز شريف کي وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف نيڪ خواهشن ۽ مبارڪبادي پيغام موڪلڻ تي سعودي ولي عهد جو شڪريو ادا ڪيو ۽ شهزادي محمد بن سلمان کي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت ڏني.وزيراعظم چيو ته پاڪستاني عوام سعودي شاهي مهمانن جي شاندار استقبال جو منتظر آهي، سعودي عرب سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن تي فخر آهي، ٻئي ملڪ هميشه هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن.وزيراعظم حرم شريف جي ولي عهد شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي صحت ۽ تندرستي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ سعودي قيادت ۽ سعودي عوام کي رمضان المبارڪ جي بابرڪت مهيني جي مبارڪباد پڻ ڏني.شهباز شريف چيو ته دعا آهي ته هي مقدس مهينو سڄي دنيا جي مسلمانن لاءِ امن ۽ خوشحالي آڻي. سعودي ولي عهد وزيراعظم شهباز شريف جو شڪريو ادا ڪندي پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن جا ڀائراڻا لاڳاپا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو