رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ تازو جاري ڪيل هڪ عجيب ۽ حيرت ناڪ فتوا تي وڏو بحث هلي رهيو آهي. عورتون سوشل ميڊيا تي مطالبو ڪري رهيون آهن ته عورتن کي ڊرائيونگ ڪرڻ جي اجازت ڏيو ٻئي صورت ۾ هو غير ملڪي ڊرائيورن کي ٿڃ پيارينديون. سينئر عالمن تي مشتمل شاهي ڪائونسل جي هڪ سينئر عالم شيخ عبدالمحسن بن نصر ال اوبيڪان تازو جاري ڪئي هئي. جنهن ۾ چيو ويو هو ته سعودي عورتون پنهنجي ڊرائيورن کي پنهنجي بُبن جو کير پياري کين پنهنجو ٿڃ پياڪ پٽ بڻائين. جيئن هو سندن فيملي ۾ گُهلي مِلي وڃي. سندس چوڻ آهي ته هن اها فتوا رسول پاڪ جن جي حديث کي نظر ۾ رکندي جاري ڪئي آهي جنهن جو راوي سالم آهي جيڪو ابو حزيفا جو نوڪر هو. ميڊيا ۾ هلندڙ بحث ۾ ڪجهه ماڻهو ان کي مشڪري ۽ مزيدار قرار ڏئي رهيا آهن ته ڪجهه جو چوڻ آهي ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته اسين اجنبي ۽ ڌارين ماڻهن کي پنهنجا بُبا ڌائرايون. مفتي صاحب تنقيد بعد وضاحت ڪندي چيو آهي ته ميڊيا منهنجي فتويٰ کي غلط رنگ پئي ڏي. منهنجو مقصد اهو هو ته عورتون پنهنجا بُبا ڏهي گلاس يا پيالي ۾ اهو کير پنهنجي ڊرائيورن کي پيارين ته جيئن هو سندن ديني پٽ ۽ ڀائر بڻجي وڃن. ان بابت گلف نيوز ۾ تفصيلي رپورٽ شايع ٿي آهي.
Funny Fatwa. Saudi women use fatwa in driving bid https://t.co/7Ebsdj31YH
— Aijaz Mahar (@aijazm) February 8, 2023
جنهن م عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ عورتن جو چوڻ آهي ته اسين هن فتويٰ جي بنياد تي عورتن کي درائيونگ جي اجازت ڏيڻ جي مهم هلائي رهيون آهيون. هڪ عورت چيو ته هڪٻئي فتوا به جاري ڪيو ته اسانجي مڙسن کي گهر ۾ ڪم ڪندڙ نوڪرياڻيون به ٿڃ پيارين جيئن اهي به ڀاءُ ڀيڻ ٿي وڃن.










