رياض(ويب ڊيسڪ) اهم ترين اسلامي ملڪ سعودي عرب پوڻا ٻه لک عورتن کي درائيونگ لائسنس جاري ڪري ڇڏيا آهن. سعودي عرب حڪومت سيپٽمبر 2017 ۾عورتن جي ڊرائيونگ تي لڳل پابندي کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو جنهن کان پوءِ جون2018 جي شروعات ۾ئي سعودي حڪومت عورتن کي ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. عورتن کي ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪرڻ جي اعلان جي ڪجھه ڏينهن کان پوءِ 23۽ 24جون جي وچ واري رات حڪومت ڊرائيونگ تي لڳل پابندي ختم ڪري ڇڏي هئي. جنهن جي ٻئي ڏينهن تي سعودي عورتون تقريبن ٽن ڏهاڪن کان پوءِ ڊرائيونگ ڪري رهيون آهن.










