سعودي عرب ۾ منڪي پاڪس جو پهريون ڪيس ظاهر

سعودي عرب ۾ منڪي پاڪس جو پهريون ڪيس ظاهر

رياض (ويب ڊيسڪ)سعودي عرب جي صحت واري وزارت ملڪ ۾ منڪي پيڪس جي پهرين ڪيس جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.سعودي عرب جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته مونڪي پيڪس پرڏيهه مان آيل هڪ شخص ۾ مليو.صحت واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پرڏيهه مان رياض اچڻ واري منڪي پيڪس ۾ مبتلا شخص کي مقرر ڪيل ضابطن تحت فوري طور تي قرنطينه ۾ رکيو ويو آهي.سعودي عرب جي صحت واري وزارت چيو آهي ته لاڳاپيل ٽيمون مونڪي پيڪس جي ڪيسن جي ويجهي نگراني ڪري رهيون آهن ۽ ڪنهن به شڪي مريض جي فوري طور تي جاچ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو