سعودي شهري امبر هرڊ کي شادي جي آڇ ڪري ڇڏي

سعودي شهري امبر هرڊ کي شادي جي آڇ ڪري ڇڏي

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)مشهور آمريڪي اداڪارا امبر هرڊ کي سعودي شهري شادي جي آڇ ڪئي آهي.امبر هرڊ جيڪا تازو ئي پنهنجي اڳوڻي مڙس جي اداڪار جاني ڊيپ جي خلاف بدنامي جي دعوي هارايو آهي، انهن ڏينهن ۾ خبرن ۾ آهي.ڪيس جي ناڪامي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي هڪ آڊيو سامهون آئي آهي جنهن ۾ سعودي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته امبر هرڊ کي شادي جي آڇ ڪئي وئي آهي. آڊيو ۾ موجود شخص اهو چئي رهيو آهي، ”امبر، جڏهن کان تو تي سڀ دروازا بند آهن، تنهنجو خيال رکڻ لاءِ مون کان سواءِ ٻيو ڪو به ناهي، مون ڏٺو آهي ته ڪجهه ماڻهو توسان نفرت ڪن ٿا ۽ توسان زيادتي ڪن ٿا.آڊيو ۾ ان شخص وڌيڪ چيو ته ”ان ڪري مان توسان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو اٿم، الله اسان ٻنهي کي خوش رکي، تون ته نعمت آهين پر ماڻهو قدر نه ڪندا آهن، مان هي پوڙهي (جوني ڊيپ ) کان بهتر آهيان

پهنجو تبصرو موڪليو