سعودي اڳواڻي ۾ 14 ملڪن جي نيول اتحاد ڪيترو فعال ڪردار ادا ڪندو؟

سعودي اڳواڻي ۾ 14 ملڪن جي نيول اتحاد ڪيترو فعال ڪردار ادا ڪندو؟

لنڊن(ويب ڊيسڪ) عالمي مبصرن کي حيران ڪندڙ هڪ قدم ۾، سعودي عرب جي وزارتِ دفاع خميس ڏينهن خليجِ عدن، ڳاڙهي سمنڊ (ريڊ سي) ۽ باب المندب مان گذرندڙ واپاري سامونڊي اچ وڃ کي درپيش خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ 14 ملڪن جي سامونڊي فوج جو اتحاد قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
لنڊن جي چيٿم هائوس سان لاڳاپيل وچ اوڀر ۽ اتر آفريڪا بابت توانائي، جيوپوليٽڪس ۽ پرڏيهي معاملن جي ماهر نيل ڪوئليئم چيو ته، “هڪ لحاظ کان اهو اعلان يقيناً حيران ڪندڙ هو.”
هن چيو ته، “سعودي عرب اڳ ئي ريڊ سي ڪائونسل جو ميمبر آهي، تنهن ڪري هو ان شعبي ۾ سرگرم رهيو آهي، پر مان سمجهي سگهان ٿو ته هو هاڻي اهو قدم ڇو کڻي رهيو آهي. سعودي عرب چاهي ٿو ته قيادت پاڻ سنڀالي ۽ هن نئين اتحاد کي گڏ ڪري.”
سندس چوڻ هو ته، “سعودي عرب سمجهي ٿو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته هو پنهنجي اختيار جو اظهار ڪري ۽ ڪجهه حد تائين ڪنٽرول سنڀالي.”
نيل ڪوئليئم موجب، ڪيترن ئي ملڪن جو اڳواٽ ئي ملٽي نيشنل ميري ٽائيم ڊفينس الائنس ۾ شامل ٿيڻ، ان ڳالهه جو اعتراف آهي ته سعودي عرب علائقائي اڳواڻ طور پنهنجو ڪردار نڀائي رهيو آهي.
جيتوڻيڪ گذريل مهينن دوران ڳاڙهو سمنڊ سعودي تيل جي برآمد لاءِ وڌيڪ اهم رستو بڻجي ويو آهي، پر رياض ۾ ٿيل اجلاس ۾ 43 ملڪن ۽ تنظيمن جي شرڪت هن سامونڊي رستي جي عالمي واپار لاءِ اهميت کي ظاهر ڪري ٿي.
اتحاد جا باني ميمبر سعودي عرب، ڪويت، بحرين، قطر، پاڪستان، ترڪي، مصر، اردن، يمن، بنگلاديش، نائيجيريا، سوڊان، جبوتي ۽ صوماليا آهن.
دسمبر 2023ع ۾ آمريڪا آپريشن پراسپرٽي گارڊين نالي هڪ گهڻ ملڪي بحري مشن شروع ڪيو هو، جنهن ۾ فيبروري 2024ع دوران يورپي يونين جي آپريشن اسپائڊيز جا جنگي جهاز به شامل ٿيا هئا، پر حوثين جا حملا جاري رهڻ سبب اهي مشن محدود ڪاميابي حاصل ڪري سگهيا.
سعودي وزارت دفاع پنهنجي بيان ۾ چيو ته هن اتحاد لاءِ عالمي سطح تي ملي ويل حمايت، سامونڊي دفاعي سهڪار کي مضبوط ڪرڻ ۽ عالمي سامونڊي رستن کي گڏيل خطرن کان بچائڻ بابت وڌندڙ دلچسپي جي عڪاسي ڪري ٿي.
رياض واري اجلاس ۾ واپاري جهازن، تيل کڻندڙ ٽينڪرن ۽ سامونڊي ڍانچي تي وڌندڙ حملن، محفوظ نيويگيشن، عالمي رسد جي نظام ۽ عالمي معيشت کي درپيش خطرن تي پڻ غور ڪيو ويو.
هن وقت تائين نه آمريڪي ۽ نه ئي يورپي بحري فوجون هن اتحاد جو حصو آهن. اهو به واضح ناهي ته آمريڪا کي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي هئي يا نه. يورپي يونين جو وفد اجلاس ۾ موجود هو، پر اتحاد جي ميمبرن ۾ شامل ناهي.
شرڪت ڪندڙن کي اتحاد جو ابتدائي منشور پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ تنظيمي ڍانچي، ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول نظام ۽ مستقبل جي قدمن بابت تفصيل شامل هئا. هاڻي شريڪ ملڪن جا فوجي رٿابند تفصيلي تيارين تي ڪم ڪري رهيا آهن.
اجلاس دوران واضح ڪيو ويو ته سعودي عرب هن اتحاد جي باني ۽ اڳواڻ رياست هوندي ۽ اتحاد جو هيڊڪوارٽر به سعودي عرب ۾ قائم ڪيو ويندو، جيڪو گڏيل سامونڊي سلامتي جي واڌاري ۾ سعودي قيادت تي عالمي اعتماد جو اظهار آهي.
سعودي عرب هي قدم انتهائي تيزي سان کنيو آهي. صرف هڪ هفتو اڳ ايران جي حمايت يافته حوثي مليشيا اعلان ڪيو هو ته هو باب المندب جي ناڪابندي ڪندي، جنهن سان هرمز کانپوءِ عالمي تيل جي فراهمي تي وڌيڪ دٻاءُ وڌي سگهي ٿو.
نيل ڪوئليئم جو چوڻ هو ته اهڙي اتحاد جي تياري يقيناً گهڻو اڳ کان جاري هوندي، ڇاڪاڻ ته اهڙو واضح منصوبو، ڪمانڊ ڍانچو ۽ ميمبر ملڪن جي رضامندي هڪ رات ۾ ممڪن ناهي. سندس خيال ۾ حوثين جي سرگرمين سبب هن اتحاد جو قيام هاڻي انتهائي ضروري ٿي ويو هو.
باني ملڪن جون بحري قوتون گڏجي هڪ وڏي طاقت بڻجن ٿيون، جڏهن ته وڌيڪ ملڪن جي شموليت جي به اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي. بهرحال، اتحاد جي باضابطه آپريشن جي شروعات جي تاريخ اڃا اعلان نه ڪئي وئي آهي.
سعودي وزارت دفاع چيو ته هي اتحاد سڀني انهن ملڪن لاءِ کليل آهي، جيڪي ان جي مقصدن ۽ اصولن سان اتفاق ڪن ٿا ۽ ان ۾ شامل ٿيڻ چاهين ٿا. اتحاد جو مقصد گڏيل سامونڊي سلامتي کي هٿي ڏيڻ، نيويگيشن ۽ عالمي واپار جي آزادي کي يقيني بڻائڻ ۽ گڏيل عالمي ذميواري جي اصول کي هٿي ڏيڻ آهي.
بيان موجب، ايندڙ مرحلي ۾ اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جي خواهشمند ملڪن جا فوجي رٿابند منشور، تنظيمي ڍانچي، ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول نظام، آپريشنل طريقن ۽ فني انتظامن کي حتمي شڪل ڏيندا، جڏهن ته ميمبر ملڪ پنهنجون قومي قانوني ڪارروايون مڪمل ڪرڻ کانپوءِ منشور تي صحيحون ڪري اتحاد جو باضابطه آغاز ڪندا.
بيان ۾ ڳاڙهي سمنڊ ۾ اڳ ئي جاري آمريڪي ۽ يورپي بحري آپريشنن جو ڪو به ذڪر نه ڪيو ويو.
حوثين جنوري 2025ع ۾ غزه جنگبندي کانپوءِ اسرائيل سان لاڳاپيل جهازن کانسواءِ ٻين جهازن تي حملا عارضي طور روڪي ڇڏيا هئا، پر هن سال مارچ ۾ اهي حملا ٻيهر شروع ڪيا ويا، ۽ هاڻي حوثين سعودي بندرگاهن ڏانهن ويندڙ يا اتان ايندڙ جهازن تي حملن جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون آهن.
يورپي يونين جي بحري مشن آپريشن اسپائڊيز جي ڪمانڊر ريئر ايڊمرل واسيليوس گريپارس چيو ته سندن ذميواري يورپي يونين پاران ڏنل مينڊيٽ تي عمل ڪرڻ آهي، جنهن جو مقصد نيويگيشن جي آزادي، واپاري جهازن جي تحفظ، سامونڊي صورتحال بابت آگاهي ۽ علائقائي استحڪام کي هٿي ڏيڻ آهي.
فيبروري ۾ يورپي يونين آپريشن اسپائڊيز جو مينڊيٽ فيبروري 2027ع تائين وڌائي ڇڏيو، جنهن جي لاڳت لڳ ڀڳ 1.5 ڪروڙ آمريڪي ڊالر آهي.
سال 2020ع ۾ سعودي عرب ريڊ سي ۽ خليج عدن سان لاڳاپيل عرب ۽ آفريقي ملڪن جي ڪائونسل جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، پر تازي حالتن وڌيڪ قدمن جي ضرورت پيدا ڪئي.
گلف ريسرچ سينٽر جي دفاعي ماهر عبدالله جابر الزائدي گذريل سال لکيو هو ته سعودي عرب ۽ ريڊ سي جي ساحلي ملڪن لاءِ استحڪام صرف سامونڊي آمدرفت جو معاملو نه، پر قومي سلامتي، معيشت، مواصلات، ڊجيٽل خودمختياري ۽ واپار جي بقا سان پڻ سڌو لاڳاپيل آهي.
هن چيو ته ريڊ سي مان گذرندڙ ڪيبل به تيل جي رستن جيتري اهم قومي ڍانچي جو حصو آهن، تنهن ڪري بندرگاهن ۽ سامونڊي رستن سان گڏ انهن ڪيبلن ۽ ڊجيٽل ڍانچي جي حفاظت پڻ ضروري آهي.
نيل ڪوئليئم جو چوڻ آهي ته سعودي عرب جي هن بحري اتحاد جا اثر عالمي مارڪيٽن تائين پهچندا، ڇاڪاڻ ته ريڊ سي عالمي واپار لاءِ انتهائي اهم رستو آهي. سندس چوڻ موجب، “ايشيا، چين، يورپ ۽ اتر آمريڪا جي واپار لاءِ ريڊ سي هڪ اهم ڳانڍاپو آهي، ۽ عالمي سطح تي ان جي اهميت هرمز آبنائي کان به وڌيڪ سمجهي وڃي ٿي.”
هن وڌيڪ چيو ته چين لاءِ به سعودي عرب جي هي شروعات انتهائي اهم آهي ۽ امڪان آهي ته ان حوالي سان اڳ ئي ڳالهيون جاري هجن، ڇو ته هن اتحاد مان چين کي وڏو فائدو پهچي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو