اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)ريلوي ۽ هوابازي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي موجوده وقت جو يزيد قرار ڏئي ڇڏيو آهي.سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ خواجا سعد رفيق تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته هر دور جو پنهنجو يزيد هوندو آهي، هن دور جو يزيد عمران نيازي پاڻ آهي.سعد رفيق لکيو ته هڪ مطلق العنان، ظالم حڪمران کي حق جي لفظ کان نفرت آهي، ڪنهن به قانون ۽ اخلاق کان بالاتر آهي، اسان سندس دور جو ظلم ۽ ڪوڙ برداشت ڪيو ۽ قوم برداشت ڪيو، حسين عه سان سندس ڪو به تعلق ناهي.










