سستي اٽي ۽ پيٽرول جي اسڪيم رڳو پنجاب لاءِ ڇو؟

سستي اٽي ۽ پيٽرول جي اسڪيم رڳو پنجاب لاءِ ڇو؟

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي وقتي امير پروفيسر نظام الدين ميمڻ چيو آهي ته توشه خانه چور قيادت کان ملڪ ۾ ڪنهن تبديلي ۽ ڀلائي جي اُميد نٿي ڪري سگهجي، نام نهاد تعليم يافته سرمائيدار وڏيرا اخلاق ۽ ڪردار کان وانجهيل آهن، گهڙي کان گاڏين، کجور کان انناس تائين جن ڪجهه نه ڇڏيو سي قومي خزاني سان ڪهڙو حشر ڪندا ان جو اندازو چڱي طرح سان لڳائي سگهجي ٿو. هن اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته وزيراعظم ته سڄي ملڪ جو هوندو آهي سندس پاران باقي سڄي ملڪ کي ڇڏي فقط پنجاب ۾ سستي اٽي ۽ پيٽرول جي اسڪيم سواليه نشان آهي، ڪڻڪ جي غير منصفاڻي تقسيم جو حل ڪڍيو وڃي ته اٽو سڄي ملڪ ۾ سستو ٿي سگهي ٿو، پر نمائشي قدمن سان ڪو فائدو ڪونه ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته حڪمران مال ۽ اقتدار جي لالچ ۾ ايترا انڌا ٿي چڪا آهن جو قومي مفاد ۽ مهانگائي جي طوفان ۾ غريب عوام جون رڙيون ۽ آهون هنن کي ٻڌڻ ۾ ڪونه ٿيون اچن. رمضان المبارڪ جي آمد باوجود مصنوعي مهانگائي جي خاتمي لاءِ ڪير به سنجيده ڪونه آهي. اربين رپين جي بجيٽ باوجود اسپتالن ۾ دوائون، عوام کي انصاف ۽ شهرين کي امن ڪونه ٿو ملي، جماعت اسلامي عوام وٽ ظالم حڪمرانن جو پيغام کڻي ويندي، عوام پنهنجي حالتن ۾ بهتري لاءِ سجاڳ ۽ ديانتدار قيادت جو انتخاب ڪري ته مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو