سستو ۽ فوري انصاف، وفاقي محتسب کي 40 سال مڪمل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)وفاقي محتسب جي 40 سال مڪمل ٿيڻ تي ڪراچي جي سينيئر صلاحڪار ۽ انچارج سيد انور الحيدر اداري جي ڪارڪردگي جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته گذريل سال هڪ لک 64 هزار 174 شڪايتن جو ازالو ڪيو ويو. ان مان ظاهر ٿيو ته هڪ مهيني ۾ 300 کان 400 ڪيس ٻڌا ويا ۽ شڪايتون حل ڪيون ويون. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته وفاقي محتسب نظام تحت شڪايتن جو ازالو 60 ڏينهن اندر ڪيو ويندو آهي ۽ ان کان پوء ٽيهه ڏينهن اندر ان تي عمل ڪرايو ويندو آهي. سيد انور حيدر چيو ته اسان جو مقصد عوام لاءِ سهولتون پيدا ڪرڻ ۽ انهن جا مسئلا جلد کان جلد حل ڪرڻ آهي. هن وفاقي محتسب جي قدمن بابت ٻڌايو ته ايئرپورٽ تي ون ونڊو آپريشن به شروع ڪيو ويو آهي ته جيئن مسافرن جي شڪايتن جو فوري طور تي ازالو ڪري سگهجي. ان کان اڳ مسافرن خاص ڪري بين الاقوامي مسافرن کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پوندو هو ۽ ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي ون ونڊو آپريشن شروع ڪيو ويو. هن چيو ته هي ادارا غريبن جي عدالت آهن. جتي ڪنهن وڪيل يا فيس جي ضرورت ناهي، ڪو به شهري خط، اي ميل، موبائل ايپ يا اداري جي هيلپ لائن ذريعي شڪايت درج ڪرائي سگهي ٿو. وفاقي محتسب جاآفيسر ملڪ جي ڏورانهن شهرن ۽ تعلقي هيڊ ڪوارٽرن ۾ وڃي شهرين جون شڪايتون ٻڌن ۽ انهن کي حل ڪن ٿا. سيد انوار حيدر وڌيڪ چيو ته اسان پاڪستان ۾ معصوم ٻارن، جنس پرستن ۽ قيدين جون بي شمار شڪايتون حل ڪيون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ سينيئر صلاحڪار چيو ته سڀ کان وڌيڪ شڪايتون ڪي اليڪٽرڪ، نادرا، پي آءِ اي، سول ايوي ايشن اٿارٽي ۽ واپڊا خلاف مليون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو