ڪراچي (ن سنڌ يار)پ پ سينيٽر سسئي پليجو مراد سعيد جي لڳايل الزامن کان پوءِ وضاحتي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته مراد سعيد جا الزام ڪوڙا ۽ بي بنياد آهن.پ پ سينيٽر سسئي پليجو مراد سعيد جي الزامن کي ڪوڙو ۽ بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومتي وزيرن جي ڪوڙ ڳالهائڻ سان حقيقتن ۽ سچائي کي نٿو لڪائي سگهجي. سنڌ ۽ پيپلز پارٽي تي الزام لڳائڻ کان اڳ وزير پنهنجا گريبان ڏسن. سسئي پليجو چيو ته حڪومت جا وزير ٻڌائين ته هزارا ڪميونٽي جي زخمن تي اڃان تائين مرهم ڇو ناهي رکيو ويو. حڪومت جي ناڪام پاليسين مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته ڪٺ پتلي حڪومت جي گهر وڃڻ جو وقت شروع ٿي ويو آهي.سسئي پليجو چيو ته مراد سعيد ۽ ٻيا ترجمان ٻڌائين ته سنڌ جي اين ايف سي مان شيئر ڇو ڪٽيو ويو. ننڍن صوبن سان ڪوڙي همدردي ڏيکارڻ بجاءِ ارڙهين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ جي ڪوششن جو سخت جواب ڏينداسين. مراد سعيد ٻڌائي ته خيبرپختونخواهه ۾ احتساب جي آفيس کي ڇو بند ڪيو ويو آهي. هن چيو ته فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو جيڪڏهن حق ۽ سچ موجب آيو ته نااهل ٽيم کي گهر وڃڻو پوندو.سسئي پليجو وڌيڪ چيو ته جيترو ٽائيم وزيراعظم ۽ ٻيا وزير اپوزيشن جي خلاف بيانن تي لڳائيندا آهن اوترو ٽائيم جيڪڏهن هي ڪشمير تي لڳائين ها ته اڄ پاڪستان جو ڪيس مضبوط هجي ها. تحريڪ انصاف جي حڪومت اچڻ کان پوءِ عوام ۾ مايوسي ڇانيل آهي. هر شيءَ مهانگي ٿي چڪي آهي جنهن سبب عوام ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. جڏهن ته حڪومت جا وزير ۽ ترجمان ڪوڙ مٿان ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن.










