سرگوڌا يونيورسٽي جو پهريون سنڌي گولڊ ميڊلسٽ

دادلغاري (نديم مھر ) غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ نوجوان غلام مرتضي پتافي پنجاب جي يونيورسٽي آف سرگوڌا ۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ پهرين پوزيشن ۽ گولڊ ميڊل حاصل ڪري ورتو. داد لغاري واسي نوجوان غلام مرتضي پھريون سنڌي آهي جنهن سرگودھا يونيورسٽي مان اهڙو اعزاز ماڻيو آهي. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته تعليم هرماڻهو لاءِ لازمي آھي جيڪو نوجوان محنت ڪندو اهو ڪاميابي ماڻيندو ڇو ته ڪاميابي محنت سان مشروط آهي. هن چيو ته وڌيڪ محنت ڪري ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندس.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو