ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي سرڪلر ريلوي (KCR) منصوبي جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي ۽ بورڊ آف روينيو (BOR) کي هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجي زمين جا سمورا مسئلا حل ڪري ته جيئن وڌيڪ ڪارروائي لاءِ چيني اختيارين ۽ وفاقي حڪومت سان گڏيل ورڪنگ گروپ جوڙي سگهجي. اهڙو اظهار هن وزيراعليٰ هائوس ۾ رٿيل اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، سينيئر بورڊ ميمبر روينيو بقاءَ الله انڙ، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ سليم راجپوت ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ ڪي سي آر منصوبي کي ترجيح نه ڏني وئي، شهر جي ٽرانسپورٽ وارن مسئلن جي حل لاءِ هيءَ منصوبو سڀ کان اهم آهي. چيئرمين پي اينڊ ڊي وڏي وزير کي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت وڏي وزير جي ڪوششن سان ڪي سي آر جي فزيبلٽي پلاننگ وزارت ۽ ڪميشن آف پاڪستان ذريعي چيني اختيارين کي موڪلي آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته ڪي سي آر کي سي پيڪ ۾ شامل ڪرڻ ۽ ڪي سي آر جو رائٽ آف وي (RoW) سنڌ حڪومت حوالي ڪرڻ تي ريلوي جي چيئرمين/ سيڪريٽري پاڪستان ريلوي/ ڪي سي آر جي زمين صوبائي حڪومت جي حوالي ڪرڻ جي طريقيڪار کي فائنل ڪرڻ لاءِ ريلوي آفيسرن جي 4 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي. ڪميٽي جي ٽي او آرز ۾ متبادل ۽ تجويز ڪيل زمين جي برابر قيمت ۽ زمين جي مستقبل ۾ استعمال بابت بحث شامل آهي. ٽرانسپورٽ واري وزير چيو ته اٽڪل 40 ايڪڙ زمين جو مسئلو آهي جنهن لاءِ ريلوي اختيارين متبادل زمين حاصل ڪرڻ چاهي ٿي. ان تي وڏي وزير سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو بقاءَ الله انڙ کي هدايت ڪئي ته ريلوي اختيارين جيڪا زمين رکڻ چاهي ٿي يا ان جو متبادل تيار ڪري انهن کي رپورٽ ڪري. ٽرانسپورٽ واري وزير وڏي وزير کي ٻڌايو ته منظور ٿيل پلان موجب ڪي سي آر وٽ 43.2 ڪلوميٽر روٽ آهي جنهن ۾ 25.51 ڪلوميٽر ايليوٽڊ ۽ 17.7 ڪلوميٽر گريڊڊ آهي. هن وڌيڪ چيو ته ان ۾ 24 اسٽيشن هوندا جن مان 13 ايليوٽيٽڊ ۽ 11 گريڊ جا آهن. شرجيل ميمڻ چيو ته ڪي سي آر ٻٽو ٽريڪ هوندو جنهن ۾ 162 ٽرين سيٽون هونديون. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته ڪي سي آر جا سمورا دستاويز مڪمل ڪيا وڃن ۽ پلاننگ ڪميشن جي وزير سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي ته جيئن چيني اختيارين سان رابطو ڪري گڏيل ورڪنگ گروپ ٺاهيو وڃي ته جيئن ان کي شروع ڪري سگهجي.










