’سرڪاري ۽ نجي شراڪتداري رٿائن ۾ سنڌ سڀني کان اڳتي آهي‘

’سرڪاري ۽ نجي شراڪتداري رٿائن ۾ سنڌ سڀني کان اڳتي آهي‘

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)ناڻي واري وزارت چيو آهي ته ڊسمبر 2025 تائين سنڌ، سرڪاري ۽ نجي ڀائيواري (پي پي پي) وارين رٿائن ۾ مرڪز ۽ سڀني صوبن صوبن کان اڳتي آهي. رپورٽ موجب مرڪز ۽ سڀني صوبن جون هن مد ۾ڪل مالي ذميواريون 472 ارب روپين جون آهن.
ناڻي واري وزارت پنهنجي نوعيت جي پهرين رپورٽ “PPP منصوبن لاءِ مشروط ذميوارين جو مالي خطري جي نگراني وارو فريم ورڪ” ۾، جيڪا بين الاقوامي مالياتي فنڊ (IMF) سان ڪيل واعدن موجب تيار ڪئي وئي، پنهنجي ’ڊيٽ مينيجمينٽ آفيس‘ ذريعي جاري ڪئي آهي.
مجموعي رقم جو 71 سيڪڙو کان وڌيڪ (335.6 ارب رپين جون رٿائون سنڌ حڪومت سان لاڳاپيل آهن، جنهن وٽ ملڪ جي 36 مان 17 منصوبن جو سڀ کان وڏو پورٽ فوليو آهي. جيڪو مرڪز ۽ باقي ٽنهي صوبن جي اڌ رٿائن کان به مٿي آهي.
وفاقي حڪومت جون نجي ۽ سرڪاري رٿائن جي شراڪت يعني PPP منصوبن بابت مجموعي مشروط ذميواريون 90.6 ارب رپين جون آهن، يعني ڪُل ذميوارين جو صرف 19.3 سيڪڙو آهن، ان کان پوءِ پنجاب26.5 ارب رپيا 5.6 سيڪڙو ۽ خيبرپختونخواهه حڪومت جون 19.6 ارب رپيا يعني4.2 سيڪڙو) ذميواريون آهن.
بلوچستان وٽ اهڙيون ڪي به مشروط ذميواريون نه آهن، جيتوڻيڪ ملڪ جي 36 مجموعي PPP منصوبن مان 5 منصوبا بلوچستان ۾ شامل آهن.
آءِ ايم ايف کي ڏنل تازي لکت واري واعدي ۾ حڪومت سرڪاري ۽نجي ڀائيوارين، صوبائي سطح وارن منصوبن سميت، خطري جي نگراني واري فريم ورڪ کي بهتر بڻائڻ جو واعدو ڪيو هو.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته: “اسان PPP ذريعي فنڊ ٿيل منصوبن تي به اهي ئي سخت چونڊ معيار لاڳو ڪنداسين، جيڪي ٻين ذريعن سان فنڊ ٿيندڙ منصوبن تي لاڳو ٿين ٿا.” هن وڌيڪ چيو ته ناڻي واري وزارت ۾ رِسڪ مينيجمينٽ يونٽ (RMU) ٻين اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي PPP منصوبن سان لاڳاپيل مشروط ذميوارين کي ماپڻ لاءِ نگراني وارو فريم ورڪ تيار ڪري رهيو آهي، جنهن تحت جلد ان جا پيمانا يا اندازا شايع ڪيا ويندا.
مشروط ذميواريون اهي رياستي معاهدي واريون ذميواريون آهن، جن ۾ سرڪاري ادارا PPP منصوبن جي حوالي سان خطرا قبول ڪن ٿا، ۽ اهي معاهدي جي سڄي مدي دوران نالي ماتر قدرن ۾ حساب ڪيو ويندو آهي.
مجموعي ذميوارين مان368.3 ارب رپيا اهڙين مشروط مالي ذميوارين سان لاڳاپيل آهن، جيڪي گهٽ ۾ گهٽ آمدني جي ضمانت، خرچن ۾ واڌ، وياج جي شرح ۾لاهه چاڙههُ يا منصوبي جي خاتمي وقت پيدا ٿيندڙ ذميوارين سبب پيدا ٿي سگهن ٿيون؛ جڏهن ته ٻيا 104 ارب رپيا مالي ضمانتن جي صورت ۾ آهن.
رپورٽ موجب، سنڌ جون سڌيون مشروط ذميواريون، خرچن ۾ گهٽ واڌ، گهٽ ۾ گهٽ آمدني جي ضمانت ۽ منصوبي جي خاتمي سان لاڳاپيل ذميوارين سبب255.5 ارب رپيا آهن، جيڪي368.3 ارب رپين جي قومي گڏيل رقم جو لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو بڻجن ٿيون. سنڌ لاءِ سڀ کان وڏو خطري جو سبب خرچن ۾ واڌ آهي، جنهن جو اندازو 146.6 ارب رپيا لڳايو ويو آهي، ان کان پوءِ صوبائي حڪومت پاران نجي ڀائيوارن کي ڏنل گهٽ ۾ گهٽ آمدني جي ضمانت61 ارب رپيا آهي. هي سڀ ڪجهه لڳ ڀڳ 80 ارب رپين جي مالي ضمانتن کان علاوه آهي.
وفاقي حڪومت جون 90.6 ارب رپين جون مجموعي PPP ذميواريون83.7 ارب رپين جي منصوبن جي خاتمي سان لاڳاپيل ذميوارين ۽ 7 ارب رپين جي مالي ضمانتن تي مشتمل آهن. مالي ضمانتون اهي اوزار آهن، جيڪي سرڪاري شعبي پاران کنيل مالي واعدن، جهڙوڪ وائبيليٽي گيپ فنانسنگ جي مدد، خلاف جاري ڪيون وينديون آهن.
رپورٽ ۾ انهن مشروط ذميوارين جي “وڏي خطري” کي اجاگر ڪيو ويو آهي ته اهي حقيقي ادائگين ۾ تبديل ٿي سگهن ٿيون. خرچن ۾ واڌ ۽ منصوبي جي خاتمي بابت هر هڪ لاءِ 150 ارب رپيا، مالي ضمانتن بابت 104 ارب رپيا، ۽ گهٽ ۾ گهٽ آمدني جي ضمانتن بابت لڳ ڀڳ 66 ارب رپيا، جن ۾ سنڌ جي حصي طور61 ارب رپيا شامل آهن.
IMF جا شرط
هي فريم ورڪ IMF پروگرام تحت لازمي آهي ته جيئن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي سطح تي سرڪاري ۽ نجي شراڪت يعني PPP منصوبن مان پيدا ٿيندڙ مشروط ذميوارين جي سڃاڻپ، ماپ ۽ رپورٽنگ لاءِ هڪجهڙو نظام قائم ڪيو وڃي.
ان جو سبب اهو آهي ته PPP معاهدا اهڙا مالي خطرا پيدا ڪري سگهن ٿا، جيڪي فوري طور بجيٽ يا قرضن جي بيانن ۾ ظاهر ناهن ٿيندا، پر بعد ۾ ضمانتن جي ادائيگي، آمدني جي سهائتا، اشاري ترتيبن يا منصوبي جي خاتمي سان لاڳاپيل ادائگين جي صورت ۾ سامهون اچي سگهن ٿا.
هي فريم ورڪ سڌين ۽ مشروط ذميوارين کي درجا بندي ۽ ماپڻ لاءِ هڪجهڙو طريقو مهيا ڪري ٿو ۽ انهن سڀني کي گڏ ڪري قومي سطح جي PPP مالي خطري واري ڊيٽا تيار ڪري ٿو، جنهن جي نگراني ناڻي واري وزارت جو RMU ڪري ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو