سرڪاري گدام مان ڪڻڪ چوري، متاثرن ۾ تقسيم معطل

ڪلوئي (غلام مصطفي نهڙيو) ڏڪار متاثرن جي لاءِ آيل امدادي ڪڻڪ کي روينيو انتظاميا وڪرو ڪري چوري جو ڍونگ رچائي ڪلوئي ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي. ڏڪار سٽيل عوام اعلانيل امدادي ڪڻڪ وٺڻ آيا ته عملي ٽال مٽول ڪري اس ۾ کين پنج ڪلال انتظار ڪرائي چيو ته بعد ۾ اچجو. خبر موجب ڪلوئي جي سرڪاري گدام ۾ پيل خوراڪ کاتي جي ڪڻڪ مبينا طور چوري ٿي وئي، ان سلسلي ۾ صحافين جي ٽيم جڏهن سرڪاري اسڪول کي بڻايل گدام تي پهتي ته شهرين ۽ ڏڪار سٽيل ماڻهن جو وڏو انگ موجود هو. گدام انچارج سراج احمد دل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪڻڪ چوري جو هي  پهريون واقعو ناهي، اڳ به چوري ٿي هئي جنهن کي اسان درگز ڪري ڇڏيو هو. هن ٻڌايو ته جئين ئي گدام جو در کوليو تي ڪڻڪ جون لڳل ڪافي سٿيون غائب هيون،  چورن دروازو ٽوڙڻ جي بجاءِ دري توڙي ڪڻڪ کڻي ويا آهن. هوڏانھن ڪڻڪ جي گدام کي لڳل کاٽ جو ٻڌي شهرين جو پڻ وڏو انگ جاءِ واردات تي پهچي ويو ۽ انتظاميا پاران رليف واري ڪڻڪ جو ڪم 5 ڪلاڪن تائين ملتوي ڪيو ويو جنهن ڪري پري پري کان آيل ڏڪار سٽيل ماڻهو پريشان ٿي ويا. رليف واري ڪڻڪ جي ورهاست جي انچارج ۽ اسٽنٽ مختيارڪار احمد بجير چيو ته مونکي ڪڻڪ جي چوري بابت صرف اطلاع مليو آهي وڌيڪ ڪا به خبر ناهي ته ڪيتري ڪڻڪ چوري ٿي سو سڄي حقيقت گدام انچارج کان پڇو. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڪلوئي ٿاڻي جي ايس ايڇ او رسول بخش چيو ته اسان وٽ گدام انچارج سراج احمد دل رپورٽ درج ڪرائي ويو آهي اسان جاچ ڪري رهيا آهيون. ياد رهي ته گدام تي روينيو انتظاميا پاران ٻه پرائيويٽ چوڪيدار به مقرر ٿيل آهن انهن جي هوندي ڪڻڪ چوري ڪئين ٿي. ان موقعي تي موجود ڏڪار سٽيلن عزيز ولي محمد خان، محمد پاڙهو، عبدالرحمان نهڙيو ۽ ٻين چيو ته ڪلوئي جي سرڪاري گدام تان عملي پاڻ ڪڻڪ چوري ڪئي آهي ۽ اسان غريبن کي تنگ ڪيو پيو وڃي، هي روينيو انتظاميا هڪ قسم جو ڍونگ رچايو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو