اسلام ڪوٽ (رپورٽ صادق بجير )فلورملن ۽ چڪي مالڪن کي سرڪاري اگهه تي ڪڻڪ نه ملڻ سبب واپارين اٽي جا من پسند اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آھن، في مڻ 25 سئو کان 27 سئو روپيا وڪرو ڪرڻ لڳا، غريب عوام پريشانين کي منھن ڏيڻ لڳي، سنڌ حڪومت جي فلورملن ۽ اٽي چڪين کي سرڪاري اگهه تي ڪڻڪ جي فراهمي گذريل ٽن مهينن کان بند ڪري ڇڏي، سرڪاري گدامن ۽ ڪڻڪ خراب ٿيڻ لڳي آھي، ضلعي ٿر پارڪر جي سمورن شهرن ۾ اٽي جي اگهه م اوچتو واڌ باوجود ضلعي م انتظاميا نوٽيس نه ورتو، پرائيز ڪنٽرول ڪميٽي به منظر عام تان غائب آھي، سنڌ سرڪار پاران سرڪاري اگهه تي ڪڻڪ جي فراهمي بند ڪرڻ سبب واپاري ڪڻڪ اوپن مارڪيٽ مان خريد ڪري مرضي جي اگهه تي وڪرو ڪرڻ لڳا آھن. ٻئي پاسي اسلام ڪوٽ واسين جو چوڻ ھو ته اٽي سميت کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيڻ کانپوءِ اسين مسڪين بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھيون، اسان جو سنڌ گورنمينٽ کان مطالبو آھي ته اٽي جي اگهه ۾ گھٽتائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ مجبوراً اسين حڪومت ۽ واپارين خلاف ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪنداسين.










