سرڪاري ملڪيتن ۽ دستاويزن تي سياستدانن جون تصويرون لڳائڻ تي پابندي

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ سرڪاري ملڪيتن ۽ دستاويزن تي سياستدانن ۽ پبلڪ آفيس هولڊرز جون تصويرون لڳائڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي .سپريم ڪورٽ راولپنڊي جي ڪچي آبادي بابت فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، فيصلو جسٽس قاضي فائز عيسيٰ لکيو آهي.سپريم ڪورٽ رمارڪس ڏنا ته سرڪاري وسيلن تي ذاتي مشهوري جي اجازت نه ڏني ويندي، پاڪستان ڪنهن جي جاگير ناهي جتي عوام حڪمرانن جي آڏو جهڪي وڃي، جهموري ساک کي برقرار رکڻ لاءِ هوشيار رهڻو پوندو، سرڪاري ملڪيتن تي ذاتي مشهوري لاءِ تصويرون لڳائڻ اخلاقي قدرن کي مجروح ڪري ٿو.سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته سمورا چيف سيڪريٽريز ۽ وفاقي انتظاميا فيصلي عمل يقيني بڻائن.

پهنجو تبصرو موڪليو