لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي عمران خان ۽ ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف سرڪاري ملڪيتن کي باهه ڏيڻ ۽ نقصان پهچائڻ جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.مجموعي طور تي 4 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، ڪيس سرڪاري ملڪيتن کي باهه ڏيڻ جي الزامن تحت داخل ڪيا ويا ، ڪيسن ۾ قتل جي ڪوشش، دهشتگردي ۽ ٻيا قلم پڻ شامل آهن. عمران خان کي به ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي.ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته واقعي جي مجرماڻي سازش عمران خان جي اشاري تي ڪئي وئي، پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف بدامني لاءِ اڀاريو ويو،متن موجب عمران خان سميت ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سرڪاري ۽ غير سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو.










