سرڪاري لائبريري لاء 11مهينن کان هلندڙ جدوجهد جي سلسلي ۾ ريلي

سرڪاري لائبريري لاء 11مهينن کان هلندڙ جدوجهد جي سلسلي ۾ ريلي

دادو (رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) سيتا سرجڻهار فورم   پاران سيتاروڊ جي سرڪاري لائبريري لاء 11مهينن کان هلندڙ جدوجهد جي سلسلي ۾ مشهور ميمڻ جي اڳواڻي ۾ لهٻر ڳوٺ کان پيارو اسٽيشن تائين ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ شريڪ مشهور ميمڻ` تنوير پاٽائي` منير احمد سمون` اويس ميمڻ` مبين سمون `الطاف سمون` گلاب ملاح `غلام الرسول ابڙو سميت شريڪ علم جا اڃارا سيتاروڊ جي لائبريري جي حق ۾ زبردست نعرن هڻندا دادو شگر مل جي مين گيٽ وٽ  پهتا فورم جي صدر مشهور ميمڻ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان 11 مهينن کان لائبريري لاء دادو ضلعي جي ننڍن وڏن شهرن  سيتاروڊ ڪي اين شاه پيارو اسٽيشن ڦلجي اسٽيشن ٿرڙي محبت راڌڻ ميهڙ پاٽ شريف  دادو ۾ احتجاجي ريلين سميت سوين ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪرڻ باوجود  اسان جو لائبريري وارو خواب اڌورو بڻيل آهي هن چيو ته اسان ڪتابن ذريعي علم جي پياس پوري ڪري   دنيا جي  اڳتي وڌيل قومن سان ڪلهو ڪلهي ملائي اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا هن چيو ته لائبريريون نه هجڻ ڪري سنڌ جو نوجوان مذهبي انتهاپسندي ` قبائلي دهشتگردي سميت  سماجي براين  جي ور چڙهيل آهي انڪري شاه ` سچل` سامي` شهيد شاه عنايت` مخدوم  بلاول ` هوشو `هيمو `دوله دريا خان `ڪامريڊ حيدربخش جتوئي` جي ايم سيد` رسول بخش پليجي جي خوابن جهڙي سنڌ اڏڻ لاء لائبريرين جو هجڻ انتهائي ضروري هجي ٿو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو