مٺي (ن سنڌيار)ٿرپارڪر ۾ سرڪاري اٽي جي ريٽ تي عمل نه ٿيو هڪ سئو ڏھ روپيا ڪلو وڪرو غريب ماڻهو ويلا ڪٽڻ تي مجبور بڻيل خبر موجب مٺي ڏيپلو ڇاڇرو ڪلوئي تعلقي جي مختلف علائقن چيلهار سنتورو ونگو ستون ميل بلوچ آباد سميت مختلف هنڌن تي سرڪاري اگهه پنجهٺ روپيا واري اعلان تي ذري برابر عمل نه ٿيو آهي هن وقت پوري ٿر جي مختلف علائقن ۾ اٽو سئو ڏھ روپيا وڪرو ٿي رهيو آهي جڏهن ته غريب ماڻهو بکن تي پاه بڻجي ويا آهن جڏهن ته سرڪاري اعلان کانپوءِ ضلعي انتظاميا توڙي مقامي ڪامورن اٽي جي وڌندڙ ريٽ تي نه ڪو ڪنٽرول ڪيو آهي نه وري ڪٿي ريٽ لسٽون لڳايون ويون آهن ته جئين عام ماڻهو کي ريٽ جي خبر پوي هوڏانهن مختلف علائقن جي رهواسين ۽ ڳوٺاڻن دانهيندي چيو آھي ته ٿر ۾ ظلم آهي فلور ملز مالڪن ۽ دڪاندارن هڪ هٽي قائم ڪري هر شئي جا ٻيڻ چوڻ تي ريٽ مقرر ڪري ڇڏيا آهن هنن چيو ته هنن کان ڪير پڇاڻو ڪرڻ وارو نه آهي مقامي ماڻھن چيو ته اسان وس وارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته مهرباني ڪري ٿر ۾ اٽي جي وڌندڙ ريٽ تي ڪنٽرول ڪري ريٽ لسٽون لڳايون وڃن نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو










