ڪولمبو(ويب ڊيسڪ)سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم جو آل رائونڊر اينجلو ميٿيوز به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي.سريلنڪا ڪرڪيٽ بورڊ ميٿيوز جي ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ڪرڪيٽر جي ريپڊ ٽيسٽ ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي.بورڊ جو چوڻ آهي ته اينجلو ميٿيوز جي ان وقت ٽيسٽ ڪئي وئي جڏهن هو بيمار هو ۽ ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ تي آئسوليٽ ڪيو ويو.سريلنڪن بورڊ موجب اوشادا فرنينڊو کي ڪوڊ جي متبادل طور پلينگ اليون ۾ شامل ڪيو ويو آهي. گال ۾ سريلنڪا ۽ آسٽريليا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ کيڏي ويندي.










