ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد جو ڀاءُ عبدالرحمان پاڪستان نيوي ۾ شامل ٿي ويو آهي.سوشل ميڊيا تي سرفراز احمد پنهنجي ڀاءُ سان گڏ تصوير جاري ڪندي چيو ته پاڪستان نيوي جي يونيفارم ۾ عبدالرحمان سندس ننڍو ڀاءُ آهي.هڪ تصوير ۾ سرفراز احمد جو ڀاءُ پنهنجي ڀائٽي ۽ پٽ عبدالله سان گڏ ويٺل ڏسي سگهجي ٿو.ميڊيا رپورٽن موجب سرفراز احمد جو ڀاءُ به ڪرڪيٽ جو شوقين آهي ۽ هو به سرفراز وانگر وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين آهي، مداح سندس ڀاءُ کي پاڪستان نيوي ۾ شامل ٿيڻ تي مبارڪون ڏئي رهيا آهن.ياد رهي ته ان کان اڳ پاڪستاني قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد به قومي ٽيم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو هو.ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ پاڪستان جي فتح بابت ڳالهائيندي سرفراز احمد ٽوئٽ ڪيو ته ورلڊ ڪپ کان اڳ پاڪستان ٽاپ ٽيم خلاف شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.










