سردار جلسو پيا ڪرائين، دهشت پکيڙڻ جو پلان جوڙين پيا: ام رباب

دادو (رپورٽر) اُم رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ڪيس بابت ٻڌڻي، دادو جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ڪيس بابت ٻڌڻي ٿي، اُم رباب چانڊيو، ايم پي اي ڀائر سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيا، سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي ٻڌڻي دوران ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو جي وڪيل پاران فريادي پرويز چانڊيو کان سوال ڪيا ويا، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي،عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته اسان هر حاضري تي عدالت پهچون ٿا، خطرو آهي پر ڊڄڻ وارا ناهيون، سردار چانڊيو وارا وري سڀاڻي ميهڙ ۾ جلسو پيا ڪن، دهشت پکيڙڻ جو پلان جوڙيو ويو آهي منهنجي حياتي کي خطرو آهي پر ڊڄڻ وارا ناهيون، اسان جي شاهدن کي ڊيڄاريو ويو آهي، سردار ڪيس کي ڪمزور ڪرڻ جون ڪوششون ڪن پيا ٻئي پاسي سردار چانڊيو جو چوڻ آهي ته ميهڙ ۾ اسان جون زمينون ۽ ملڪيتون آهن، سياست ڪرڻ ڏوھ ناهي، ڇو اسان اتي جلسو نه ڪريون

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو