ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سرجاڻي ٽائون کان بند ٻوري ۾ ملندڙ لاش جي سڃاڻپ حيدرآباد جي هڪ واپاري طور ڪئي وئي آهي. ايس ايس پي ويسٽ فدا حسين جعفري موجب گذريل ڏينهن سرجاڻي ٽائون جي علائقي نيڪ محمد ڳوٺ کان ملندڙ ٻوري بند لاش جي سڃاڻپ عمران کتري جي نالي سان ٿي آهي جيڪو حيدرآباد سان تعلق رکندڙ هو ۽ ڪپڙي جو واپار ڪندو هيو. پوليس موجب مقتول جمعي واري ڏينهن ڪاروبار جي سلسلي ۾ڪراچي آيو هو جنهن کان پوءِ گهرڀاتين جو ان سان رابطو ڪٽجي ويو. پوليس ٻڌايو ته عمران کتري کي نائن ايم ايم پسٽل سان گوليون هڻي قتل ڪيو ويو لاش جا هٿ پير ٻڌي ۽ مُنهن تي ٽيپ لڳائي ٻوري ۾ بند ڪيو ويو. پوليس ضروري ڪارروائي بعد لاش ايڌي هوم سهراب ڳوٺ جي سرد خاني ۾ رکرايو هو جنهن کان پوءِ مقتول جي گهر ڀاتين سڃاڻپ ڪري لاش وصول ڪيو ۽ دفنائڻ لاءِ حيدرآباد کڻائي ويا.










