سنجيده ڳالهيون رڳو وزيراعظم سان ٿي سگهن ٿيون: رانا ثناءُالله

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُالله چيو آهي ته تحريڪ ۽ حڪومت وچ ۾ ڳالهيون رڳو وزيراعظم شهبازشريف جي ذريعي ٿي سگهن ٿيون ٽيوٽر تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته جيڪڏهن سنجيده ڳالهيون چاهيو ٿا ته اهو صرف وزيراعطم جناب شهبازشريف سان ئي ٿي سگهن ٿيون هن وضاحت ڪئي ته پرڏيهي الاهي جي خلاف ڪيس 9 مئي جي واقعن تي ٻڌل نه آهي پر ان جي پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير طور مبينه بدعنواني بابت آهي هن چيو ته ڪيس تحريڪ انصاف کان الحيدگي وارو نه آهي پرويز الاهي وڏي وزير طور پنهنجي موجوده دور ۾ گهڻي ڪرپشن ڪئي ۽ فرح گوگي وارو ڪم وڏي چالاڪي سان ڪيو ويو هن چيو ته ٺيڪن ۾ 10 سيڪڙو ڪميشن ۽ گرين لينڊ کي برائونڊ لينڊ ڪرائي اربين رپيا ڪمايا جهاز جي ذريعي سندس پٽ مونس الاهي ڊالر ٻاهرين ملڪ منتقل ڪيا.

پهنجو تبصرو موڪليو