ڪراچي(ويب ڊيسڪ)شوبز جي مشهور جوڙي سجل ۽ احد جي ڌار ٿيڻ جي خبرن کانپوءِ پاڪستان جي مشهور نجومي راجا حيدر جي اڳڪٿين تي به تبصرا ڪيا پيا وڃن. جنوري ۾ هڪ ويب شو ۾ شرڪت دوران راجا حيدر دعويٰ ڪئي هئي ته مشهور شوبز اداڪارا جي طلاق ٿي وئي آهي. هن شوبز جي هڪ نام نهاد ٽوئيٽ ۾ چيو ته هوءَ هڪ خوبصورت سنهڙي اداڪاره آهي، سندس شادي هن سال 7 جون کان اڳ ختم ٿي ويندي، هو ان جو اعلان ڪندي ته اسان الڳ ٿي ويا آهيون. راجا حيدر جو چوڻ هو ته اداڪارا پاڪستان جي ٽاپ 5 اداڪارائن مان هڪ آهي ۽ کيس ڪو به اولاد ناهي، جيڪڏهن اها شادي اڃا ختم نه ٿي ته 2024ع ۾ تمام خراب بدنامي سان ختم ٿي ويندي. جڏهن ته هاڻي مشهور ميزبان آمنه عيساڻي دعويٰ ڪئي آهي ته سجل ۽ احد رضا مير ۾ قانوني طور تي عليحدگي ٿي وئي آهي. آمنه عيساڻي موجب سجل ۽ احد شادي جي ٻن سالن کانپوءِ مارچ جي وچ ڌاري قانوني طور الڳ ٿي ويا هئا. ٻئي طرف اداڪارا سجل علي به پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تان احد رضا مير جو نالو هٽائي ڇڏيو آهي جڏهن ته شوبز جي شخصيتن اڃا تائين عليحدگي بابت ڪو به اعلان ناهي ڪيو.










