راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي سبي جي علائقي نوشمان ۾ سڪيورٽي فورسز آپريشن ڪيو، جنهن دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب سڪيورٽي فورسز سبي جي علائقي نوشمان ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشن نوشمان ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيو ويو.پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ چيو آهي ته اهي دهشتگرد شهرين کي نشانو بڻائڻ ۽ ڪوئلي جي کاڻ جي مالڪن کي هراسان ڪرڻ ۾ ملوث هئا.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 1 دهشتگرد مارجي ويو ۽ 2 زخمي ٿي پيا.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي موجب دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ بارود جو ذخيرو پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران دهشتگردن کي روڪيو ويو، جنهن دوران فائرنگ جو تبادلو ٿيو.پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ جو اهو به چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ امن ۽ استحڪام کي سبوتاز ڪرڻ جون ڪوششون ناڪام ٿيڻ لاءِ پرعزم آهن.










