ساڍا 7 لک افغان پناهگيرن کي ملڪ بدر ڪرڻ جو فيصلو

ساڍا 7 لک افغان پناهگيرن کي ملڪ بدر ڪرڻ جو فيصلو

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ رهائش لاءِ رجسٽريشن نه ڪرائيندڙ ساڍا 7 لک افغان پناهگيرن کي ملڪ بدر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.پاڪستان ۾ موجود افغان پناهگيرن ۾ ساڍا 7 لک ماڻهو رجسٽريش ڪرائڻ جي بجاءِ روپوش ٿي ويا آهن. غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث هجڻ جي امڪان تي گهرو وزارت حرڪت ۾ اچي وئي آهي. غيرقانوني طور تي رهندڙ افغان پناهگيرن جو نادرا ۽ ايف آءِ ۾ موجود ڊيٽا ٿاڻن کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. فارن ايڪٽ تحت کين گرفتار ڪري ملڪ بدر ڪيو ويندو. فارن ايڪٽ تحت گرفتار ڪري سرحد پار اماڻڻ لاءِ گهرو وزارت لاڳاپيل ادارن کي حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. گهرو وزارت جي اختيارين موجب 2006 کان 2023 تائين 35 لک 7 هزار 295 افغان پناهگيرن رجسٽريشن ڪرائي ان مدي ۾ 13 لک 3 هزار 636 پناهگير پنهنجي ملڪ واپس هليا ويا. گهرو وزارت جي اختيارين موجب 14 لک 60 هزار 717 رجسٽريشن ڪرائي جڏهن ته 7 لک 42 هزار 942 افغان پناهگير رجسٽريشن ڪرائڻ کان سواءِ پاڪستان ۾ غير قانوني طور تي ترسيل آهن. 200 کان وڌيڪ غير رجسٽرڊ افغان شهرين کي وفاقي پوليس 31 مئي تي اسلام آباد ۾ سرچ آپريشن گرفتار به ڪيو هو جن خلاف 14 فارن ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ملڪ بدر به ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو