“سانگين سان گڏ سالگرهه مان،وڇڙي ويس ته ورسي آهيان”ادل مهيسر

“سانگين سان گڏ سالگرهه مان،وڇڙي ويس ته ورسي آهيان”ادل مهيسر

سنڌ جي عظيم سدا حيات عوامي شاعر سيد احمد شاهه المعروف استاد بخاري جو09 آڪٽوبر ورسي جو ڏينهن آهي، استاد بخاري 16 جنوري 1930ع تي دادو ضلعي جي ڪچي جي ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ والده امان عمراءُ ۽ والد سيد حاجن شاهه بخاري جي گهر ۾ پيدا ٿيو. پرائمري جي تعليم به ان ئي ڳوٺ مان حاصل ڪئي استاد بخاري کي سندس ماءُ پيار مان پنهل يا سهڻو چوندي هئي، استاد بخاري شاعري جي دنيا جو هڪ نرالو ۽ پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکندڙ شاعر آهي، جنهن جي ٻولي، لهجي، تشبيهن ۽ استعارن سبب کيس سنڌ جي ماڻهن پنهنجي طور تي عوامي شاعر جهڙي لقب سان پاڻ مڃتا ڏني آهي پر استاد جي شاعري فڪر، فلسفي ۽ خيال جي حساب سان تمام مٿاهين ۽ اعليٰ آدرشن جي آسمان کي ڇهندي نظر اچي ٿي جيڪا کيس دنيا جي عظيم شاعرن جي صف ۾ بيهاري ٿي. استاد بخاري جي شاعري ۾ سوين موضوع ملن ٿا، جنهن ۾ عشق، حسن، زندگي، جدوجهد، حوصلو، اميد، نون جهانن جا ڏس پتا ۽ مزاحمت وغيره شامل آهن پر استاد جي شاعري جو محور سنڌ جي مظلوم عوام سان گڏ دنيا جو مظلوم عوام آهي. استاد بخاري سنڌ جو اهو صدورو ۽ خوشقسمت شاعر آهي جنهن کي سندس زندگي ۾ ئي عوام پاران وڏي پذيرائي سان گڏ پيار مليو ۽ استاد جهر جهنگ ڳائجڻ لڳو ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه اها ته سنڌ جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ بيهي ڪنهن به عام سنڌي ماڻهون کان جيڪڏهن استاد بخاري بابت پڇبو ته اهو اوهانکي استاد بخاري جي گهر کان ويندي ڪافي معلومات ڏيڻ سان گڏ ڪيترائي استاد جا شعر به ٻڌائي ڇڏيندو، جيڪا سڃاڻپ لطيف سائين کانپوءِ ٻئي ڪنهن به شاعر کي نصيب نه ٿي آهي. توڙي جو استاد جي شاعري تي تحقيق جو گهڻو ڪم نه ٿيو آهي ۽ ڪنهن به نقاد ۽ قلم ڪار استاد تي قلم کڻڻ جي زحمت نه ڪئي، سواءِ سراج الحق ميمڻ جي جنهن استاد جي ڪتاب ڪوڪڻ يا ڪلياڻ ۾ پنهنجي راءِ جو ڀرپور اظهار ڪندي کيس لطيف سائين کانپوءِ سنڌ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو شاعر قرار ڏنو آهي.

سنڌ جو يگانو شاعر استاد بخاري

استاد بخاري بابت محترم رسول بخش پليجي جو اهو خيال آهي ته استاد بخاري جي شاعري جي لاتعداد موضوعن مان جيڪڏهن هر هڪ موضوع کي الڳ ڪري صرف ڪنهن به هڪ موضوع تي نظر وجهجي تڏهن به هڪ هڪ موضوع استاد بخاري کي عظيم شاعرن جي لسٽ ۾ بيهاري ٿو، استاد جي شاعري جي سڀ کان وڏي خوبي اها به آهي ته هن هڪ ئي جاءِ تي ڪيترن ئي مختلف موضوعن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري وڏي ڪاريگري ۽ مهارت سان پيش ڪيو آهي.

رسيم سرتي، سڏيم سامي، ڌڪيم ڌرتي ته ڪريان ڇا؟

حبيب توکان ڇڄي سگهان ٿو، زمين کان مان ڇڄي نه سگهندس.

يا

محبوب سان گڏ محفل ۾ ۽ قوم سان گڏ مقتل ۾

ٿي پيار ۾ پتي، پتي هوندي، ها اها منهنجي زندگي هوندي.

استاد بخاري تاريخ جو وڏو ڄاڻو هو جنهن کي ماضي، حال ۽ مستقبل جو وڏو ادراڪ هو جنهن ڪري هن جي ايندڙ زمانن تي نظرهئي ۽ سنڌ جي موجوده حالتن کي ڏسي ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ استاد اها شاعري هن وقت ڪئي آهي،

اصول ابتدائي گم آهي، ثبوت انتها ڪٿان آڻيون،

طبعيت بيوفا ڪٿان آڻيون، نئي دل دلربا ڪٿان آڻيون،

استاد بخاري سنڌ جي غدارن کي ڪڏهن به معاف نٿو ڪري جنهن لاءِ هن چيو آهي ته،

هي اٿو بوتو، ڀري چهبڪ هڻوس،

ڀري ٻڪ مٽي جا، منهن ۾ هڻوس،

قوم جي غدار کي بخشو متان،

گهٽ ۾ گهٽ، هڪ ٿڪ، هڪ بجو هڻوس.

استاد بخاري کي جتي زندگي سان وڏو چاهه هو اتي ڪڏهن به موت کي نه وساريو آهي پر هن جي آڏو زندگي حسين ۽ موت بدصورتي جي علامت هُئي جنهن لاءِ هن چيو ته

مون مقامن مساڻن ۾ جانچي ڏٺو،

ڌوڙ ئي ڌوڙ هئي، ڪوبه سهڻو نه هو،

حسن جي حڪمراني، هتي ۽ هينئر،

جيڪو آهي سوجاني، هتي ۽ هينئر.

يا

ڪر قيامت ڪيرٿو روڪئي خدا،

مان مران جهٽ جي قبر سهڻي هجي.

استاد بخاري پنهنجي قبر جو ڪتبو به پاڻ لکي ويو جنهن ۾ پنهنجي سالگرهه کي هن هئين ملهايو آهي.

هونءَ ته مٽي جي چپٽي آهيان،

جيئي سنڌ ته ڌرتي آهيان،

سانگين سان گڏ، سالگرهه مان،

وڇڙي ويس ته، ورسي آهيان.

استاد بخاري پنهنجي زندگي ۾ قول ۽ فعل جي حساب سان ڪڏهن به پنهنجي شخصيت ۽ ڪردار کي متنازعه نه بنائڻ ڏنو ۽ هو سدائين سنڌ جي عوام ۽ ڌرتي سان گڏ بيٺو رهيو ۽ ڪڏهن به زندگي سان گڏ موت جي پرواهه نه ڪئي،

تڪڙ آسمان توکي ڪهڙي لڳي،

ڪڍي ڀونءِ ڀاڪر اچان ٿو اچان.

استاد بخاري ڪڏهن به حڪمران طبقي سان گڏ رهڻ پسند نه ڪيو ۽ هو سدائين عوام سان گڏ رهيو جنهن ڪري سنڌي ماڻهون کيس پنهنجو رهبر شاعر ۽ گهر جي اهم ڀاتي وانگر سمجهي ٿو.

مان نه موسيٰ، جو لڪي الله ساڻ ڳالهيون ڪريان

آءُ احمد شاهه، انسانن سان اوريندو وتان.

يا

ڇاجو سيد، ڇاجو بخاري، ساٿ سَڄڻ جو سهڻي سواري،

جاني جو جت آهيان، پيارا پورهيت آهيان.

استاد بخاري جي ورسي توڙي جو استاد جي خدمتن کي نظر ۾ رکندي  ثقافت کاتي کي هر سال ورسي توڙي سالگرهه ملهائڻ گهرجي پر نهايت افسوس جي ڳالهه آهي استاد بخاري جهڙي عظيم ڏاهي عوامي قومي شاعر جي ورسي توڙي سالگرهه تقريب سندس خاندان پاران سندس فرزند ڊاڪٽر الطاف بخاري پنهنجي مدد پاڻ تحت استاد بخاري اڪيڊمي پاران پنهنجي هڻان وڻان ڪوششو وٺي وڏي پيماني تي ملهائي ٿو. سالياني ورسي توڙي سالگرهه جون تقريبون ڪوٺائي پنهنجو فرزند جي حثيت سان گڏ قومي فرض نڀائي رهيو آهي جنهن ۾ ڊاڪٽر الطاف بخاري، سيد حاڪم شاهه بخاري، تابش بخاري،احمد خان سهاگ کي آءُ استاد لاءِ مسلسل اهڙي جاکوڙ ڪرڻ تي سلام پيش ڪريان ٿو ۽ واقعي ئي استاد جو خاندان جس لهڻي جنهن استاد جا وڏي پيماني تي پروگرام ڪرائي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان اديب دانشور شاعر محقق تقريبن ۾ دعوتون ڏئي انهن کي پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ سان گڏ انهن جون پنهنجي حال آهر خدمتون ڪن ٿا. جڏهن ته هن قومي گهراڻي نه صرف اديبن کي پر استاد جي مداحن ۽ فنڪارن کي پروگرام ۾ شرڪت لاءِ وڏيون تڪليفون ڪري دعوت نامه پهچائن ٿا.حقيقت ۾ پروگرام ڪرائڻ ڪا سولي ڳالهه نه آهي پر هن خاندان کي آءُ اهڙيون تڪليفون ڪري استاد جا ڏهاڙا ملهائڻ تي  استاد جي مداح جي حثيت سان بار بار سلام پيش ڪريان ٿو ۽ سلام پيش ڪندو رهندس.جڏهن ته اسين استاد جا ديوانا  پنهنجي پاران سرڪار نامدار کي گذارش ڪنداسين ته استاد بخاري جهڙي وڏي يگاني ڌرتي ۽ عوام جي محبوب سدا حيات عوامي قومي شاعر استاد بخاري لاءِ ايترو ضرور چونداسين ته هن عظيم ڏاهي جي تقريبون ملهائڻ سان گڏ استاد بخاري  تي تحقيقي ڪم بابت ادارو قائم ڪيو وڃي ته جئين استاد تي وڌيڪ ڪم ٿي سگهي ته جئين اسانجي مستقبل جا معمار استاد جي فن ۽ فڪر فلسفي مان فيضياب ٿي سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو