سانگهڙ ۾ بنيادي سهولتون اڻلڀ، انتظاميا ۽ نمائندا خاموش

سانگهڙ )رپورٽ عزيزالرحمان رند) جمهوري وطن پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ دريان خان بگٽي چيو آهي ته او جي ڊي سي ايل جي رائٽلي ويلفيئر فنڊ هڙپ نه ڪرڻ ڏينداسين، عوام جي فلاح بهبود جي لا۽ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين. اهڙو اظهار هن نيشنل پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالاهيندي ڪيو. هن چيو ته سانگهڙ ۾ صحت جي حوالي سان ڪابه سهولت ميسر ڪونهي سانگهڙ جي عوام هڪ ٽڪي جي گوري لا۽ پريشان آهي.هن چيو ته سانگهڙ جي عوام پيئڻ جي صاف پاڻي لا۽ به پريشان آهي، سانگهڙ ضلعو جيڪو قدرتي وسيلن سان مالامال هجڻ باوجود موئن جي دڙي جو مثال آهي، جنهن جي ذميوار ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندا آهن. هن ميران بگٽي ٽرسٽ جو اعلان ڪندي چيو ته ان ذريعي  پهرين مرحلي ۾ سانگهڙ جي عوام کي مفت  صحت جو سهولتون فراهم ڪيون وينديون جنهن جو ڪجهه ڏينهن ۾ افتتاح ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو