سانگهڙ لڳ بگٽين جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو 2 ڄڻا فوت

ورڪشاپ(ايازعلي شر) سانگهڙ ويجهو چڪ نمبر 2  ۾ بگٽي برادري جي ٻن ڌرين  ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو آھي جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا آھن. فوتين ۾ جمعو بگٽي ۽ سليم بگٽي شامل آھن. جڏهن ته اهڙي واقعي جي اطلاح تي منگلي پوليس اڌ ڪلاڪ بعد واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي نوجوان جا لاش سول اسپتال سانگهڙ آند،ا جتي وڏي انگ ۾ شھري مارجي ويلن جا لاش ڏسڻ گڏ ٿي ويا ايس ايڇ او منگلي رشيد چانهيو موقف ڏئڻ کان لنوائيندو رهيو. هوڏانهن اهو به ٻڌڻ ۾ آيو آھي ته مارجي ويل ٻئي پاڻ ۾ سوٽ آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو