ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ جوڊيشل مجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت سانحه گل پلازا ڪيس جي ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر کي تحقيقات مڪمل ڪرڻ لاءِ 9 آگسٽ تائين مهلت ڏئي ڇڏي.ٻڌڻي دوران تفقيشي آفيسر اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ عدالت کان وڌيڪ مهلت گهري.عدالت کي ٻڌايو ويو ته 6 ادارن پاران جواب موصول ٿي چڪا آهن جڏهن ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ واٽر ڪارپوريشن سميت 2 ادارن جا جواب اڃا تائين موصول ناهن ٿيا.عدالت تفتيشي آفيسر کي تحقيقات مڪمل ڪرڻ لاءِ 9 آگسٽ تائين مهلت ڏيندي آئنده ٻڌڻي تي مڪمل تحقيقاتي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.










