واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ رهندڙ سنڌين جي نمائنده تنظيم سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي چونڊن ۾ سمورو يونٽي پينل ڪامياب ٿي ويو آهي. جاري ڪيل چونڊ نتيجن موجب يونٽي پينل جي صدارتي اميدوار خالد چنا 1327 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته سندس مقابلي ۾ بيٺل سهيل انصاري کي 965 ووٽ مليا، نائب صدر (عورت) جي سيٽ تي ڊاڪٽر اِرم قلباڻي 1335 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي وئي، جڏهن ته سندس مقابلي ۾ بيٺل فاطمه سليم خواجا 947 ووٽ کنيا، نائب صدر (آمريڪا) جي عهدي تي آفتاب ميمڻ 1265 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته طلعت ٽالپر کي 1028 ووٽ مليا. نائب صدر (ڪئناڊا) تي اويس لغاري 1362 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته وشنو لوهاڻو کي 930 ووٽ مليا، نائب صدر(يوٿ) تي اويس پنهور 1228 ووٽ کنيا، جڏهن ته ماهين شيخ 1061 ووٽ کڻي سگهي. سانا جي جنرل سيڪريٽري جي عهدي تي سخت مقابلي بعد اشفاق ميمڻ 1324 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته مشتاق راڄپر کي 972 ووٽ مليا، جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي تي چندر شيکر 1183 ووٽ کڻي علي خاصخيلي کي شڪست ڏئي ڇڏي، خزانچي جي عهدي تي يوسف ڪلهوڙو 1316 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته اِرم احمداڻي کي 977 ووٽ مليا، انفارميشن سيڪريٽري جي عهدي تي محمد شفيق شيخ 1265 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته سندس مقابلي ۾ بيٺل معشوق ملاح 1066 ووٽ کڻي سگهيو.










