ڪراچي (ويب ديسڪ) سام سنگ جي نئين فون گيليڪسي ايس 20 الٽرا جيڪو ڪمپني جو مهانگو ترين فون آهي تنهن ۾ خرابي پيدا ٿي پئي آهي. دنيا جو هي واحد فون آهي جنهن ۾ فرنٽ ڪيمرا 40 ميگا پڪسل جي آهي پر ان ۾ فوڪس جو مسئلو آهي ۽ اڪثر ڪري تصوير ڌنڌلي نظر اچي ٿي. ڪمپني جو چوڻ آهي ته هنن سافٽ ويئر اپ ڊيٽ ڪرڻ جي سهولت ڏئي ڇڏي آهي. جڏهن ته ڪيمرا سافٽ ويئر تي به ڪم هلي رهيو آهي. هن فون جي قيمت1400 ڊالر يعني 2 لک 20 هزار روپيا آهي. پوئين پاسي 4 ڪيمرا آهن جن ۾ 108 ، 48، 12۽ 0.3 ميگا پڪسل ٽي او ايف ثري ڊي ڪيمرا ڏنل آهن. هن 12 کان 16 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج جي سهولت موجود آهي. هي فون 11 فيبروري تي منعقد ڪيل هڪ تقريب ۾ جاري ڪيو ويو هو ۽ مارچ م دنيا ڀر جي مارڪيٽ ۾ دستياب هئڻ جو اعلان ڪيو ويو هو.










