سامونڊي طوفان  جو خطرو، سي ويو روڊ بند

سامونڊي طوفان جو خطرو، سي ويو روڊ بند

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سامونڊي طوفان بپرجوئي سبب ڪراچي ۾ مقامي ريسٽورنٽ کان خيابان اتحاد تائين سي ويو روڊ بند ڪيو ويو آهي.ٽريفڪ پوليس موجب ٽريفڪ کي خيابان مجاهد کان سروس روڊ ڏانهن موڙيو پيو وڃي، خيابان اتحاد کان ايندڙ ٽريفڪ کي واپس خيابانِ صبا ڏانهن موڙيو پيو وڃي.ٽريفڪ پوليس جو اهو به چوڻ آهي ته روڊ کي طوفان جي اڳڪٿي ڪري بند ڪيو ويو آهي، ساحل تي پابندي ۽ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو