ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب ڪي اليڪٽرڪ پاران 2023.24 جي سالياني مرمت جي ڪم سبب 3 ڊسمبر تي ڌاٻيڄي پمپنگ اسٽيشن جي مختلف فيڊرز کي بجلي جي فراهمي جزوي طور بند رھندي، جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو تہ مرمتي ڪم 3 ڊسمبر جي صبح 9 وڳي کان رات 9 وڳي تائين جاري رهندو، شٽ ڊائون جو مدو مجموعي طور تي 12 ڪلاڪ ھوندو، ڪي اليڪٽرڪ پاران سالياني مرمت جي ڪم سبب شهر کي 75 ايم جي ڊي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو، ان سلسلي ۾ ترجمان واٽر ڪارپوريشن شهرين کي درخواست ڪندي چيو تہ اھي پاڻي جو ذخيرو ڪن ۽ ان کي احتياط سان استعمال ڪن تہ جيئن ڪنھن بہ پريشاني کان بچي سگھجي.










