سازش ذريعي آيل امپورٽيڊ حڪومت تي يقين نٿو رکان: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر سوشل ميڊيا پيغام ذريعي حڪومت تي تنقيد ڪئي آهي.تحريڪ انصاف جي چيئرمين ٽوئيٽر تي لکيو ته هو سازش ۽ هارس ٽريڊنگ ذريعي درآمد ٿيل حڪومت کي نٿو مڃي.عمران خان لکيو ته شهباز شريف 10 مهينن ۾ معيشت ۽ جمهوريت کي تباهه ڪيو.اڳوڻي وزيراعظم لکيو ته شهباز شريف وڏائي ۽ فاشزم ذريعي معيشت ۽ جمهوريت کي تباهه ڪيو.هن لکيو ته شهباز شريف بنيادي انساني حقن کي تباهه ۽ قانون جي حڪمراني ختم ڪري جمهوريت ۽ معيشت کي تباهه ڪيو.عمران خان اهو به لکيو ته دهشتگردي به شهباز شريف جي اهڙن ئي عملن سبب پکڙجي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو