سازشي پي ٽي آءِ ۽ پاڪ فوج کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا: عمران خان

سازشي پي ٽي آءِ ۽ پاڪ فوج کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا: عمران خان

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هن وقت پاڪستان جا ٻه وڏا مسئلا آهن، لوڊشيڊنگ ۽ پاڻي، اسان جو ملڪ جنهن طرف وڃي رهيو آهي ان جو فائدو ڪنهن کي ٿي رهيو آهي؟ ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ اسان تي مسلط ڪيا ويا، سازشي پي ٽي آءِ ۽ پاڪ فوج کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا.پي ٽي آءِ نيشنل ڪائونسل جي تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ڪجهه ڏينهن ۾ ملڪ گير احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪرڻ وارو آهيان، چورن جا ٽولا گڏ ٿي ويا آهن پر عوام اوهان سان گڏ آهي. اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته پهرين پارٽي اليڪشن ٿي ان ۾ ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيا، ٻيو ڀيرو به پارٽي اليڪشن جو نظام صحيح نه ٺهيو، جڏهن به موقعو مليو ته پارٽي اليڪشن ڪرائينداسين ته جيئن پارٽي ميرٽ هجي.عمران خان چيو ته اسان جي عورتن تي جيڪا ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ ڪئي وئي اها مارشل لا جي دور ۾ ڪئي وئي ان جي ڪا مثال ناهي ملي، جيڪا پوليس 25 مئي تي ڪئي هئي.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته پيٽرول جي قيمت ۾ 4 رپيا مهانگو ٿيو ته بلاول مهانگائي تي مارچ ڪيو، اسان ڪنهن کي نه روڪيو، ڪوڙي خبرن کانسواءِ ڪجهه به نه روڪيو، مثبت تنقيد قوم جو اثاثو آهي. عمران خان چيو ته ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ قطار ۾ بيٺل شخص کي اپوزيشن ليڊر بڻايو ويو آهي، غير قانوني ڪم کي جائز بڻائڻ لاءِ سمورا حربا استعمال ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته غير قانوني ڪم کي جواز بڻائڻ لاءِ سمورا حربا استعمال ڪيا پيا وڃن، دنيا ۾ ڪٿي به ڪو ملزم جج نٿو بڻجي سگهي، دنيا ۾ ڪٿي به ڪو ماڻهو پنهنجو ڪيس پاڻ ئي ختم نٿو ڪري.،،،، پاڪستان تحريڪ انصاف جي انٽرا پارٽي چونڊن ۾ عمران خان بنا مقابلي پارٽي جو چيئرمين چونڊجي ويو. بيان موجب ٻين ٻن پينلن جي اميدوارن عمران خان جي حق ۾ اليڪشن تان دستبردار ٿيڻ جو اعلان ڪيو جنهن بعد هو بنا مقابلي پارٽي جو چيئرمين چونڊجي ويو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پينل مان هڪ جو سربراهه عمر سرفراز چيما ۽ ٻئي جو سربراهه نائيڪ محمد هو. پڌرائي موجب شاهه محمود قريشي وائيس چيئرمين ۽ اسد عمر کي مرڪزي سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو