ڳڙهي ياسين (شفيق مهر) سارين جو اگھ مناسب نه ملڻ خلاف آبادگار ارث اللّه خان سيلرو جي اڳواڻي ۾ تعلقي جي سوين آبادگارن روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ارث اللّه خان سيلرو، ڏاڏو خان پٺاڻ، اصغر جعفري، خداداد ککراڻي دانهيندي چيو ته ڳڙهي ياسين ۽ شڪارپور۾ سارين جا واپاري 6 نمبر سارين جو اگھ 8 سئو ۽ سپر جو اگھ1400 سئو کان 1800سئو ڏئي رهيا آهن سارين جي في مڻ تي هڪ ڪلو کان ٻه ڪلو غير قانوني ڪٽوتي ڪري رهيا آهن. هنن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته 6 نمبر سارين جو اگھ 15 سئو ۽ سپر سارين جو اگھ ٽي هزار مقرر ڪيو وڃي ۽ سارين جي في مڻ تي غير قانوني ڪٽوتي بند ڪرائي وڃي جيڪڏهن آبادگارن کي انصاف نه مليو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.










