ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان نيوي ساحل ويلفيئر ايسوسيئيشن (ايس ڊبليو اي) جي تعاون سان سامونڊي پٽي جي غريب خاندانن ۾ راشن بيگ ورهايا. 350 بيگ غريب خاندانن کي ڏنا ويا. نيوي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته هر بيگ ۾ خاندان جي مهيني جو راشن موجود آهي. غريب ملاح خاندانن ۾ راشن ورهائڻ جو ڪم انساني خدمت واري جذبي هيٺ ڪيو ويندو آهي. ڊمب ۽ گڏاڻي جي سامونڊي پٽي ۾ رهندڙ مستحق خاندان ۾ امداد ورهائي وئي.











