سائنسدان جي قتل ۾ اسرائيلي هٿيار استعمال,ايراني ٽي وي

تهران(ويب ڊيسڪ) ايراني ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته گذريل هفتي ايران جي مشهور جوهري سائنسدان جي قتل ۾ اسرائيلي هٿيار استعمال ٿيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري اي پي ۽ رائٽرز جي رپورٽن موجب ايراني نيوز چينل پريس ٽيليوزن کي هڪ نامعلوم ذريعن ٻڌايو ته دهشتگردي جي واقعي ۾ واردات واري جاءِ تان مليل هٿيار تي اسرائيلي فوجي صنعت جو لوگو ۽ تفصيل لکيل آهن. پريس ٽي وي جي رپورٽ کان پهريان اسرائيلي انٽيليجينس جي وزير ايلي ڪوهين ريڊيو 103 سان ڳالهائيندي چيو هو ته ڪير ان جو ذميوار آهي هو نٿو ڄاڻي.

پهنجو تبصرو موڪليو