اسلام آباد (بيورو)تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو آمريڪي سيفرنس بابت ليڪ ٿيل آڊيو تي بيان به سامهون اچي ويو آهي.سائفر ليڪ ٿيڻ تي ردعمل ڏيندي عمران خان چيو ته هيڪرز تمام سٺو ڪم ڪيو، مان چوان ٿو سڄو سائفر ليڪ ڪيو وڃي ته جيئن سڀني کي خبر پوي ته اها ڪيتري وڏي پرڏيهي سازش آهي. هن چيو ته مان اڃا تائين سيپري تي نه کيڏيو آهي، جيڪڏهن سامهون آيو ته کيڏنداسين. عمران خان سائفر سان لاڳاپيل آڊيو ليڪ ٿيڻ تي وزيراعظم تي الزام لڳائيندي چيو ته شهباز شريف ۽ ٻين آڊيو ليڪ ڪري وڏو ڪم ڪيو، مان چوان ٿو ته سڄو سائفر ليڪ ڪيو وڃي ته سڀ ڪجهه سامهون اچي ويندو.










