ميرپورماٿيلو (ظهير وسير) شھري ايڪشن ڪاميٽي طرفان سنڌي شاگردياڻي سائره ٿهيم سان لمس جي استادن طرفان بليڪ ميل ڪرڻ خلاف ڀٽائي چوڪ تي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي فقير رمضان ڪلوڙ. محمد موسا کوسو ميرحسن لاشاري. ڪمال خان مهر. اڪتم ميتلو. سينگار گبول اياز کهاوڙ. عبدالخالق ميتلو آڪاش لنڊ ۽ ٻين چيو ته هڪ سازش تحت سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردياڻين کي تعليم کان روڪڻ لاء کين بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته تعليمي ادارن ۾ ڪڏھن نائلا رند جو واقعو ٿئي ٿو، ڪڏھن وري نمرتا جو قتل ڪيو ٿو وڃي جنهن جا قاتل گرفتار نه ڪيا پيا وڃن. هنن اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪيو ته سائره ٿهيم واقعي جي مڪمل جاچ ڪري ساڻس انصاف ڪيو وڃي. ۽ ملوث بگهڙ نما استادن کي گرفتار ڪري ڦاهي ڏني وڃي.










