سئو ماڻهو ماريندڙ ٽارگيٽ ڪلر بانيءَ کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو

سئو ماڻهو ماريندڙ ٽارگيٽ ڪلر بانيءَ کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ڊيسڪ نيوز) 100 ماڻهن کي قتل ڪندڙ ايم ڪيو ايم جي ٽارگيٽ ڪِلر پنهنجي حالت جو ذميوار ايم ڪيو ايم جي بانيءَ کي قرار ڏنو آهي. ٽارگيٽ ڪِلر عبدالسلام جو تعلق ايم ڪيو ايم لنڊن سان جوڙيو پيو وڃي جنهن پنهنجي وڊيو ۾ سنسني خيز انڪشاف ڪيا آهن. وڊيو بيان ۾ عبدالسلام اعتراف ڪيو آهي ته مون پوليس، سيڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن ۽ سياسي مخالفن کي قتل ڪيو. هن ٻڌايو ته منهنجي ٽيم ۾ نديم ماربل کان علاوه 11 ميمبر هئا جن مان چار ساٿي مارجي ويا ۽ باقي پڪڙجي ويا. ٽارگيٽ ڪلر ٽيم جي انچارج نديم ماربل مونکي عباسي شهيد اسپتال ۾ نوڪري وٺي ڏني جتان 21500 روپيا پگهار کڻندو آهيان. عبدالسلام کان وڌيڪ جاچ هلندڙ آهي.  

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو