زيارت ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا

زيارت ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي علائقي زيارت ويجهو سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا. دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن شهيد ليفٽيننٽ ڪرنل لائق جي ڪزن عمر جاويد کي به شهيد ڪيو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان موجب عمر جاويد جو لاش زيارت جي علائقي ورچوم ۾ ريڪوري آپريشن دوران هٿ آيو.اندازي موجب دهشتگردن عمر جاويد کي اغوا ڪرڻ کانپوءِ فوري طور تي شهيد ڪيو. فرار ٿيل ٽن کان چئن دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ آپريشن جاري آهي.ٻئي طرف پاڪ فوج جي شهيد حوالدار خان محمد کي سندس اباڻي ڳوٺ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو