زيارتن لاءِ ايران ويندڙن خاطر انتظام سڌارڻ جو فيصلو

زيارتن لاءِ ايران ويندڙن خاطر انتظام سڌارڻ جو فيصلو

تفتان (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ايران جي عملدارن مذهبي جاين جي زيارت لاءِ ايران ويندڙ ۽ واپس ايندڙ پاڪستاني شهرين کي وڌيڪ سهوليتون ڏيڻ جي حڪمت عملي جوڙي آهي. انگريزي اخبار ڊان جي خبر مطابق ٻنهي ملڪن جي عملدارن جو هڪ اجلاس تفتان ۾ قائم ايف سيءَ جي آفيسرز ميس ۾ ٿي گذريو. جنهن ۾ دالبندين جي اسسٽنٽ ڪمشنر حبيب ناصر پاڪستاني وفد جي اڳواڻي ڪئي جڏهن ته ايراني وفد ڪرنل حيدر مريديءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ڳالهيون ڪيون. اجلاس ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن کان علاوه ڪسٽم ۽ اميگريشن جا آفيسر به شريڪ ٿيا. ڳالهين ۾ طئي ڪيو ويو ته محرم ۽ صفر مهينن دوران پاڪستان کان ايران ڏانهن ويندڙ زائرين جي سهوليت خاطر پاڪستان جي تفتان ۽ ايران جي ميري جاوي سرحد تي 20 نوان خصوصي ڪائونٽر قائم ڪيا ويندا جتي صرف زائرين جي ڪليئرنس ڪئي ويندي. جڏهن ته ٻنهي ملجن پاران انهي سرحد پوائنٽن تي ترجمان مقرر ڪيا ويندا. پاڪستاني عملدارن مطالبو ڪيو ته جن زائرين جا سفري دستاويز سفر دوران گم ٿي وڃن ٿا انهن کي ايمرجنسي سفري دستاويز مهيا ڪرڻ جي سهوليت ڏني ويندي. جڏهن ته ايراني عملدارن طرفان پاڪستاني اختيارين تي زور ڀريو ويو ته اهي زائرين کي بهتر بسون ۽ مناسب تيل فراهم ڪندا. ٻڌايو ويو آهي ته انهيءَ معاملي تي ٻيو اجلاس ايندڙ مهيني ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو