گهٽا ڏئي 7 ورهين جو نيننگر قتل، جوابدار گرفتار

گهوٽڪي (ن س) اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مومل جي ماڙي جي ڳوٺ ميهر خان لغاري ۾ هڪ ڏينهن پهرين گم ٿيل 7 ورهين جي نينگر اياز علي پٽ طيب لغاري جو گهٽا ڏنل لاش ڪمند مان هٿ آيو آهي. وارٽن جي اطلاع بعد گهوٽڪي ۽ مومل جي ماڙي پوليس نينگر جو لاش تحويل ۾ وٺي گهوٽڪي سول اسپتال مان پوسٽ ماٽم بعد وارٽن حوالي ڪيو. پوليس هڪ نوجوان حبيب لغاري کي گرفتار ڪيو آهي. پوليس جي دعويٰ آهي ته  گرفتار نوجوان نينگر کي گهٽا ڏيئي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي . نينگر جو والد ڪراچي ۾ مزدوري ڪندو آهي .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو