زوب ۾ سراج الحق جي قافلي تي خودڪش حملو، 7 ڄڻا زخمي

زوب ۾ سراج الحق جي قافلي تي خودڪش حملو، 7 ڄڻا زخمي

زوب (ويب ڊيسڪ)زوب ۾ جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جي قافلي جي ويجهو ڌماڪو ٿيو آهي.جماعت اسلامي جي سيڪريٽري جنرل امير العظيم موجب سراج الحق تي بلوچستان ۾ آپگهاتي حملو ٿيو آهي ۽ حملي آور کي ماريو ويو آهي.هن چيو ته سراج الحق ۽ ٻيا سمورا دوست محفوظ آهن.جماعت اسلامي موجب جماعت اسلامي جي اڳواڻ کي قافلي ۾ کڻي وڃي رهيا هئا ته آپگهاتي بمبار ڌماڪو ڪري ڇڏيو.هن وڌيڪ ٻڌايو ته جماعت اسلامي جا 7 ڪارڪن زخمي آهن، جن مان 4 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.ٻئي طرف پوليس تصديق ڪئي آهي ته زوب ۾ سراج الحق جي قافلي جي ويجهو ڌماڪو ٿيو آهي، ڌماڪي ۾ جماعت اسلامي جو امير سراج الحق محفوظ رهيو.پوليس موجب اڄ زوب ۾ جماعت اسلامي جو اجلاس هو ۽ جماعت اسلامي جي امير سراج الحق اجلاس کي خطاب ڪرڻ هو.

پهنجو تبصرو موڪليو